دبئي، دبئي ۾ رهندڙ ارب پتي واپاري عمر فاروق ظهور هڪ عام پاڪستاني جي حيثيت سان توشه خانه جي قيمتي گهڙي ان جي اصل مالڪ کي واپس ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي عمر فاروق ظهور انڪشاف ڪيو ته مون دبئي ۾ هڪ ڏيتي ليتي دوران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي توشه خانه جي قيمتي گهڙي(اها مشهور گهڙي جيڪا سعودي بادشاهه شهزادي محمد بن سلمان عمران خان کي تحفي ۾ ڏني هئي) جيڪا فرح خان تقريبن 2 ملين ڊالرز ۾ خريد ڪئي هئي هاڻ تازو ئي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ عمر فاروق ظهور هن گهڙي کي خريد ڪرڻ وقت پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي هن چيو ته مون اها قيمتي گهڙي فخر سان خريد ڪئي هئي ڇو ته هي دنيا جي واحد لگزري گهڙي آهي جنهن تي ايمان مقدس خانه ڪعبه جي تصوير آهي. بطور هڪ پاڪستاني اها گهڙي منهنجي لاءِ ڪنهن ڪوهه نور هيري جيان قيمتي ۽ منفرد هئي جڏهن مون کي خبر پئي ته اها گهڙي وڪرو لاءِ موجود آهي ته مون ڪنهن به صورت ۾ اهو موقعو وڃائڻ نٿي چاهيو ڇو ته جهڙي طرح سوشل ميڊيا پليٽ فارمز دبئي جي مارڪيٽن ۾ انهي گهڙي جي مارڪيٽينگ ڪئي وئي هئي ان جي لاءِ مون کي امڪان هو ته اها گهڙي غلط هٿن ۾ به وڃي سگهي ٿي عمر فاروق ظهور موجب اها گهڙي مون ان لاءِ خريد ڪئي ته اهو هڪ محدود ايڊيشن آهي ۽ اها گهڙي دنيا جي واحد گهڙي آهي جنهن ۾ اسان جي مقدس خانه ڪعبه جي تصوير موجود آهي مان پاڻ وٽ هن گهڙي جي موجودگي سبب پاڻ کي دنيا جو خوش قسمت ترين انسان سمجهندو آهيان ڇو ته هن گهڙي ۾ روحاني عنصر آهي واپاري وڌيڪ چيو ته مون هن گهڙي کي سموري قوم جي قيمتي ملڪيت ٺاهڻ جو سوچيو پر ائين نه ٿي سگهيو، جڏهن مان دبئي مال ۾ گراف شاپ تي گهڙي ڏٺي ۽ ان جو جائزو ورتو ته مان سوچ ۾ پئجي ويس ته هڪ پاڪستاني وزيراعظم يا پوءِ ڪنهن ٻئي حڪومت اهڙو قيمتي تحفو ڇو وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي؟ اهڙي گهڙي جنهن جي قيمت سان انتهائي مذهبي ۽ جذباتي قدر به جڙيل هجي جڏهن ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان هميشه مديني جي رياست جون ڳالهيون ڪندو آهي پوءِ هو آخر ڇو ايتري قيمتي گهڙي کي ڇڏي سگهي ٿو انٽرويو دوران عمر فاروق ظهور تجويز به پيش ڪئي ته هڪ عام پاڪستاني ۽ سعودي عرب جي رهواسي جي طور تي مون کي موقعو مليو ته مان هن گهڙي کي سندس حقيقي مالڪ کي واپس ڪرڻ چاهيندس ته جيئن اهو تڪرار هميشه جي لاءِ ختم ٿي وڃي واپاري موجب مان سموري عمر هن مقدس گهڙي جو مالڪ هجڻ تي فخر محسوس ڪندس پر جيڪڏهن هن گهڙي جي واپس ڪرڻ سان تڪرار ختم ٿي ٿو وڃي ۽ پاڪ سعودي لاڳاپن ۾ مدد ملي ٿي ته مون کي گهڙي جي واپسي ۾ ڪابه پريشاني نه ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته قيمتي گهڙي حاصل ڪرڻ کان پوءِ منهنجي مٿان تنقيد ٿيندي ته مان ائين نه ڪريان ها. مان هاڻ صرف هن غير ضروري تڪرار کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو ڇو ته ان سان گڏ منهنجو ڪوبه سياسي ايجنڊا يا ڪو به سياسي مقصد نه آهي
72