ملتان، ملتان ٽيسٽ ۾ کٽڻ جي لاءِ انگلينڊ پاڪستان کي 355 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو ملتان ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ طرفان ڏنل 355 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان جي بيٽنگ جاري آهي. امام الحق انجري سبب پاڪستان طرفان ٻئي اننگز ۾ اوپننگ جي لاءِ عبدالله شفيق سان گڏ محمد رضوان آيو ۽ پاڪستان 2 وڪيٽن جي نقصان تي 67 رنسون ٺاهي ورتيون آهن محمد رضوان 30 رنسون ٺاهي اينڊرسن جي بال تي بولڊ ٿيو جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم اولي روهنسن جي بهترين ان سوئنگ بال تي هڪ رنس ٺاهي بولڊ ٿيو. عبدالله شفيق 34 رنسن سان وڪيٽ تي موجود آهي ملتان ٽيسٽ جي ٻئي اننگز ۾ انگلينڊ جي سموري ٽيم 275 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان کي ميچ کٽڻ جي لاءِ 355 رنسن جو حدف ملي ويو اڄ ميچ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ طرفان ٻئي اننگز ۾ بيري بروڪ سينچري اسڪور ڪئي. بين ڊڪٽ 79 رنسون ٺاهي نمايان رهيو پاڪستان جي ابرار احمد اننگز ۾ چار ۽ ميچ ۾ 11 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. 3 وڪيٽون زاهد محمود جي حصي ۾ آيون. هڪ رانديگر کي نواز آئوٽ ڪيو جڏهن ته انگلينڊ جا 2 رانديگر رن آئوٽ ٿيا.
ان کان اڳ پهرين اننگز ۾ انگلينڊ جي ٽيم 281 رنسون ٺاهيون هيون جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 202 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي
