104

دوحا: ڪير بڻجندو فٽبال جو عالمي چئمپين، ارجنٽينا يا ايمباپي جي فرانس، فيصلو اڄ ٿي ويندو

دوحا: ڪير بڻجندو فٽبال جو عالمي چئمپين؟ ميسي جي ارجنٽينا يا ايمباپي جي فرانس، فيصلو اڄ ٿي ويندو،ڏکڻ آمريڪا يا يورپ، ڇا دفاعي چئمپين فرانس ٽائٽل جو دفاع ڪري سگهندو؟ يا ميسي جي ورلڊ ڪپ کٽڻ وارو خواب پورو ٿيندو.
لائنل ميسي کي پنهنجي ملڪ ارجنٽينا کي عالمي چئمپين بڻائڻ لاءِ آخري موقعو آهي، مها دنگل شروع ٿيڻ جو سڀني کي بي صبريءَ سان انتظار به آهي.
ارجنٽينا ۽ فرانس وچ ۾ فيفا ورلڊ ڪپ جي مها دنگل جو مقابلو اڄ قطر جي لوسيل اسٽيڊيم ۾ ٿيندو، مئچ پاڪستاني وقت موجب رات 8 وڳي شروع ٿيندي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو