واشنگٽن: اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير هينري ڪسنجر يوڪرين جي صورتحال جو حل ڳالهين ذريعي ڳولڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته جنگ روس کي بيڪار بڻائي وڃي پر مان روس کي بيڪار بڻائڻ جي خلاف آهيان هڪ مضمون ۾ هينري ڪسنجر لکيو آهي ته يوڪرين ۾ جيڪي اسٽريٽجڪ تبديليون آيون آهن، ان جي بنياد تي هڪ نئون ڍانچو تعمير ڪيو وڃي، ان مسئلي تي سفارتڪاري جو رستو بظاهر پيچيده آهي، پر بصيرت سان سفارتڪاريءَ طرف سفر ممڪن آهي. ھن چيو اهو يوڪرين پهريون ڀيرو وچ يورپ ۾ هڪ اهم ملڪ بڻجي چڪو آهي، روس جي روايتي قوتن کي وڌڻ کان روڪيو
هينري ڪسنجر چيو آهي ته روس جي قبضي ۾ آيل يوڪرين جي حصن تي جنگ بندي کانپوءِ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته عالمي نگراني ۾ يوڪرين جي لاڳاپيل علائقن ۾ خودمختياري جي حق تي ريفرنڊم ٿيڻ گهرجي ۽ امن جا ٻه مقصد هئڻ گهرجن، هن چيو ته روس کي نئين عالمي ڍانچي جو حصو بڻايو پيو وڃي، اڌ صدي کان روس طاقت جي عالمي توازن ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي.هينري ڪسنجر جو چوڻ آهي ته روس جي عالمي سطح تي ايٽمي هٿيارن سان حملا ڪرڻ جي صلاحيت ختم ناهي ٿي، جيڪڏهن روس ٽٽندو ته 11 ٽائم زونز ۾ پکڙيل ملڪ ۾ نوان تڪرار پيدا ٿيندا ۽ ٻيا ملڪ طاقت ذريعي پنهنجا علائقا وڌائيندا
