نئين دهلي: چين کان پوءِ ڀارت ۾ به ڪورونا وائرس جي نئين قسم جا ڪيس سامهون اچي ويا آهن،اوميڪرون بي ايف 7 نالي ڪورونا وائرس جا نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ چين ۾ صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون آهن، جڏهن ته بخار جون گوريون به اڻلڀ ٿي ويون آهن،ڪورونا جي ساڳئي قسم جا 4 ڪيس هينئر تائين ڀارت ۾ به سامهون اچي چڪا آهن، ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا موجب گڏيل طور تي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 10 ڪيس سامهون آيا آهن، جنهن سبب ڀارتي ميڊيڪل ايسوسيئيشن عوام کي ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي،ڪورونا جي هن نئين قسم جا ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ڀارت جي مرڪزي حڪومت سمورين رياستن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اهڙي طرح ڪورونا جي نئين قسم جي مانيٽرنگ کي به بهتر بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان به ڪورونا کان بچاءُ جي صورتحال لاءِ هڪ اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو آهي
اهڙي طرح اتر پرديش ۽ پنجاب سميت ڪيترين ئي رياستن ۾ ڪورونا جي صورتحال تي هنگامي اجلاس پڻ طلب ڪيا ويا آهن،ڀارت ۾ هاڻ پرڏيهه کان ڀارت پهچندڙ مسافرن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي ويندي. اها پابندي اڳ ختم ڪئي وئي. ڀارت طرفان 22 ڊسمبر تي 185 نوان ڪورونا ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن،واضح رهي ته ڪورونا جي هن نئين قسم ۾ اهڙي جينياتي تبديلي ٿيندي آهي جنهن سان اهو وائرس تمام گهڻي تيزي سان پکڙجندو آهي. هڪ اندازي موجب بي ايف 7 مان متاثر ماڻهو پنهنجي چوڌاري 10 کان 18 ماڻهن کي هن بيماري جو شڪار بنائي سگهن ٿا،
