تاشقند: وچ ايشيائي رياست ازبڪستان ۾ ڀارت پاران تيار ڪيل کنگهه جو شربت پيئڻ سبب 18 ٻار فوت ٿي ويا آهن،ازبڪستان جي صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب فوت ٿي ويل ٻارن ڀارت جي دوائون تيار ڪندڙ ڪمپني جي کنگهه جي دوا پيتي هئي. ليبارٽري ٽيسٽ ۾ کنگهه جي شربت ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار ڪيميڪل جو وڌيڪ مقدار نظر آيو،بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻارن کي ٻن کان ستن ڏينهن تائين دوا پياري وئي هئي. ٻارن جي والدين حڪومت کان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي،ياد رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ آفريقي ملڪ گيمبيا ۾ به ڀارت جو کنگهه جو شربت پيئڻ سبب 70 کان وڌيڪ ٻارڙا فوت ٿي ويا هئا
