ڪنڌڪوٽ:ڪرمپور ۾ هندو اڳواڻن پاران يتيم غريب بيمار نينگر جي علاج لاء چندا مهم هلائي پئي وڃي

ڪنڌڪوٽ: ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،ڪرمپور ۾ هندو اڳواڻن پاران يتيم غريب بيمار نينگر جي علاج لاء چندا مهم هلائي پئي وڃي, سرندي وارن کي اڳتي اچي مدد ڪرڻ جي اپيل,ڪرمپور سرڪاري اسپتال محلي واسي بيمار يتيم نينگر رياض علي پٽ مرحوم علي حسن عرف راوڙي ميراڻي جي علاج لاء ڪرمپور ھندو پئنچائت جي اڳواڻن سيٺ اجن لال, پريم لال, ونود ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪرمپور شھر ۽ ڪرمپور لاڙي تي چندا مھم ھلائي وئي, چندا مھم جي موقعي تي چندا مھم جي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته نوجوان يتيم نينگر ڪامڻ ٽي بي ۽ مختلف بيمارين سبب  زندگي ۽ موت جي 2 واٽي تي بيٺل آھي بيمار نينگر جي علاج لاء چندا مھم ھلائي وئي, شھر ۽ علائقي جي ھندو توڙي مسلم ڪميونٽي سميت ھر مڪتبه فڪر جي ماڻھن مدد ڪئي آھي, ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ڊاڪٽرن بيمار يتم نينگر کي ڪراچي مان  علاج  ڪرائڻ جو مشورو پڻ ڏنو آھي, چندا مهم جي اڳواڻن موجب ڪرمپور جي صحافي و سماجي اڳواڻ بابو لعل منڌاڻ بيمار نينگر کي ڪراچي علاج جي غرض سان موڪلڻ لاء پنهنجي هڙان ايمبولنس جو بندو بست ڪريو آهي, ھنن آخر ۾ زور ڏنو ته سرندي وارا اڳتي اچي بيمار نينگر جي علاج ۾ دل کولي مدد ڪن .

پنھنجي راءِ لکو