اسلام آباد: ايف آءِ اي اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) جي سائبر ڪرائيم ونگ اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو. شوڪت ترين خلاف ڪيس پيڪا ايڪٽ جي تحت داخل ڪيو ويو آهي ۽ سندس خلاف ڪيس جو مدعي ارشد محمود آهي
شوڪت ترين مٿان ڪيس سندس سوشل ميڊيا تي وائرل مبينه آڊيو جي بنياد تي داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ ۾ داخل ايف آءِ آر موجب مبينه آڊيو ۾ تيمور سليم جهگڙا ۽ محسن لغاري سان شوڪت ترين ڳالهيون ڪري رهيو آهي. مبينه آڊيو ۾ بدنيتي تي ٻڌل ڳالهيون ڪيون ويون. مبينه آڊيو ۾ شوڪت ترين محسن لغاري کي چيو ته وفاقي حڪومت کي سرپلس بجيٽ واپس نه ڪيو وڃي اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي خلاف ڪيس بغاوت ۽ چڙ ڏيارڻ جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو آهي

پنھنجي راءِ لکو