اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي مٿان اسان اربين روپيه خرچ ڪندا آهيون، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن وقت تي چونڊون نٿو ڪرائي ته آئين جي ڀڃڪڙي ڪندو
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن بابت نفرت پکيڙڻ جي ڪيس ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه پيو ٿئي. اسان جيل ڀريو تحريڪ جي لاءِ به تيار آهيون پر هي ماڻهو چونڊن جي لاءِ تيار ناهن، موجوده حڪومت عمران خان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي
فواد چوڌري چيو ته اڄ غداري ڪيس ۾ پيش ٿيو آهيان، اڃان تائين پوليس چالان پيش ناهي ڪري سگهي، چالان پيش ڪيو وڃي ته جيئن مون کي خبر پوي ته ڪهڙي مون غداري ڪئي آهي. جيڪڏهن مان غدار آهيان ته منهنجا سمورا ووٽر به غدار آهن پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پاڪستان ۾ ڪجهه ناسمجهه ماڻهو آهن جنهن کي تاريخ جي خبر ناهي، اسان جا پرڏيهي پاڪستاني به هنن کان نفرت ڪندا آهن. هن حڪومت گرين پاسپورٽ جي عزت به ختم ڪري ڇڏي آهي
60