اسلام آباد: سپريم ڪورٽ طرفان ملڪ جي صرف هڪ وزيراعظم کي ايماندار چوڻ جي ريمارڪس تي سينيٽ ۾ گوڙ ٿيو جنهن ۾ رضا رباني ۽ قانون واري وفاقي وزير وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي،سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ميمبر آمهون سامهون ٿي ويا. سپريم ڪورٽ طرفان ملڪ جو صرف هڪ وزيراعظم ايماندار چوڻ جي ريمارڪس تي اٽارني جنرل طرفان قانون واري وزير کي لکيل خط تي ايوان ۾ گوڙ ٿيو سينيٽر رضا رباني اٽارني جنرل جي خط تي ايوان ۾ احتجاج ڪيو. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ اٽارني جنرل جو خط ايوان ۾ پيش ڪندي چيو ته اٽارني جنرل وضاحت ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ رڳو هڪڙي وزيراعظم جي ايماندار هئڻ جي ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي. چيف جسٽس هڪ وزيراعظم جي ايماندار هجڻ جا ريمارڪس ناهن ڏنا. چيف جسٽس جي ريمارڪس کي سوشل ميڊيا تي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو رضا رباني احتجاج ڪندي چيو ته اٽارني جنرل جيڪڏهن پارليامينٽ ۽ جوڊيشري جو ايترو حامي آهي ته جڏهن عدالت طرفان پارليامينٽ مٿان حملو ٿئي ٿو ته اٽارني جنرل کي عدالت ۾ پارليامينٽ جو دفاع ڪرڻ گهرجي. اٽارني جنرل کي ايوان جي ڪارروائي تي اثر انداز ٿيڻ جو ڪوبه حق نه آهي اعظم نذير تارڙ چيو ته اٽارني جنرل حڪومت جو حصو آهي ۽ هو وضاحت به ڪري سگهي ٿو. اهو ڪو وڏو مسئلو نه آهي.
اجلاس دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ شهزاد وسيم چيو ته سپريم ڪورٽ ته اهو به چيو آهي ته هيءَ پارليامينٽ اڻپوري آهي ان جي ڳالهه ڇو نٿا ڪريو؟ هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته فوري طور تي چونڊون ڪرايون وڃن. عدالت جي ان حڪم تي عمل ڇو نٿا ڪريو. جنهن کان پوءِ شهزاد وسيم ۽ قانون واري وزير وچ ۾ به سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي قانون واري وزير چيو ته اوهان اٺ مهينا لاجز ۾ ويهي واپس ايندو ته اهو ڪيئن هلندو. لاڏ پيار واريون استعيفائون قبول ٿيون ته اوهان روئڻ شروع ڪري ڏنو. جنهن کان پوءِ سينيٽ چيئرمين اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو
54