سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )آسڪر پارڪ ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس پاران هڪ ڌاڙيل پڪڙڻ جي داوا،تفصيل موجب سکر پوليس ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد آسڪر پارڪ جي ويجھو پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿيو جنھن سبب ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ۽ هڪ ڃڻو پستول ميگزين ۽ گولين سميت زخمي حالت ۾ گرفتار جيڪو مختلف موٽر سائيڪل چوري ۽ ڌاڙن ۾ گهربل هو، جنهن جي شناخت دلبر شيخ نالي ٿي آهي، زخمي ڌاڙيل کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، وڌيڪ پوليس جي تفصيل مطابق گرفتار ڌاڙيل جو ڪرمنل رڪارڊ مختلف ٿاڻن مان حاصل ڪيو پيو وڃي.
