پشاور: اتر وزيرستان ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) جي ٽيم مٿان دهشتگردن جي حملي سبب حراست هيٺ 3 جوابدار مارجي ويا، سي ٽي ڊي جي جوابي ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جا 4 دهشتگرد به مارجي ويا
سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگردن اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه کان بنون جوابدار منتقل ڪندڙ اسڪواڊ تي حملو ڪيو. دهشتگردن جي فائرنگ سبب حراست هيٺ 3 جوابدار مارجي ويا. جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پابندي مڙهيل تنظيم جا 4 دهشتگرد به مارجي ويا ترجمان موجب دهشتگردن جا ڪجهه ساٿي رات جي اونداهي ۾ فرار ٿي ويا. اهو واقعو گذريل رات مير علي باءِ پاس وٽ پيش آيو. ترجمان چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس تي دستي بم حملن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا، دهشتگردن وٽان 4 شارٽ مشين گنز، ڪارتوس ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگرد پنهنجن ساٿين کي ڇڏائڻ چاهيو ٿي. مارجي ويل دهشتگردن مٿان ڪينٽ ٿاڻي تي دستي بم حملا ۽ ڪانسٽيبل افتخار جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي
