ڪراچي::غير اخلاقي وڊيو ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ دانيه شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر مرحوم عامر لياقت جي ٽئين گهر واري دانيه شاهه جي غير اخلاقي وڊيو وائرل ڪرڻ جي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دانيه شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ دانيه جي وڪيل لياقت گبول پنهنجي موقف ۾ چيو ته دانيه جي خلاف ڪي به شاهديون نه آهن، ايف آءِ اي ناقص جاچ ڪئي آهي.جن نمبرن تان وڊيوز وائرل ٿيون آهن اهي دانيه شاهه جا ناهن، سندس ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وڃي. دانيه شاهه کي ايف آءِ اي 15 ڊسمبر 2022 تي پنجاب جي شهر لوڌران مان گرفتار ڪيو هو سنڌ هاءِ ڪورٽ عامر لياقت جي بيواهه دانيه شاهه جي وڪيل جي دليلن تي فيصلو ٻڌائيندي ملزمه جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي ۽ دانيه کي 2 لک روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته ان کان اڳ سيشن عدالت دانيه جي ضمانت واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو هو

پنھنجي راءِ لکو