ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،غوثپور شھر ڀرسان ڪرمپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ مقدم علي محمد بجاراڻي ۾ ارڙي وبا تباهي مچائي ڇڏي آھي۔ ارڙي سبب اڍائي ورهين جو سهيل امير بجاراڻي پٽ امير بخش بجاراڻي ارڙي وبا سبب سکر جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آھي۔ ارڙي وبا سبب نينگر جي طبيعت اچانڪ خراب ٿي وئي, وارثن علاج لاء نينگر کي بيهوشي واري حالت ۾ نجي اسپتال آندو جنهن کي ڊاڪٽرن بهتر علاج لاء سکر اسپتال ريفر ڪيو، نينگر سکر اسپتال پهچڻ شرط علاج کان اڳ فوت ٿي ويو، واقعي سبب نينگر جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ڪجھ عرصي دوران ساڳئي خاندان ۾ ارڙي وبا سبب 3 ٻار فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ٻار اڃان تائين ارڙي ۾ ورتل آهن۔ ٻئي پاسي علائقي جي سياسي ۽ سماجي حلقن صحت کاتي ڪشمور جي عملدارن کي اپيل ڪئي آھي ته ڳوٺ ۾ ارڙي جي وبا جي روڪٿام لا۽ جوڳا بندوبست ڪري عوام کي ريليف ڏنو وڃي۔
