ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ جي اھم گڏجاڻي ضلعي سميت شھر جي اڪثر مسئلن تي غور ويچار؛؛ شھر صفائي سٿرائي؛؛ تعليم؛؛؛صحت جي مسئلن تي جامع جدوجھد۽ ذميوارن سان ملاقاتون ڪرڻ؛؛ رھائشي علائقن مان خواتين کان ڦر واقعن ۽ عورتن ؛ معصوم ٻارن جي اغوا جي واقعن جي مذمت ،شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ جي اھم گڏجاڻي ڳنڀير مسئلن بابت شھري اتحاد جي سرپرست اعليٰ حاجي حضوربخش مغل ؛ صدر ڊاڪٽر مھر چند جي صدارت۾ ٿي گذري؛گڏجاڻي۾ عبدالفتاح مغل؛رياض احمد ڏاھاڻي؛ حافظ سليم اللله خلجي؛ذوالفقار پٺاڻ؛ حافظ عبدالقادر سيال؛ اشوڪ ڪمار سونارو؛؛فيض محمد لوھر سميت مون به شرڪت ڪئي؛؛؛؛ اڳواڻن چيو ته شھر ۾ صفائي جو نظام درھم برھم لڳو پيو آ ملازمين کي پگھارون به نٿيون ملن جنھن خلاف متعلقه ذميوران سان ملاقاتون ڪري جدوجھد ڪئي ويندي؛؛ ھنن چيو ته تعليم ؛صحت سميت شھر جي مختلف پاڙن مان عورتن کان ڦر جي واقعن سان گڏوگڏ عورت جي اغوا۽ معصوم ٻارڙي جي اغوا جي واقعن جي ڀرپور مذمت ڪئي وئي؛اڳواڻن چيو ته جلد مذڪوره بنيادي مسئلن لاء ڀرپور جدوجھد عملي تحريڪ ھلائي ويندي؛ھنن چيو ته مسئلن جي نشاندھي ڪري ريليون ڪڍي عملدارن سان ملاقاتون پڻ ڪيون وينديون؛؛ھنن چيو ته صفائي ۽ صحت کاتو بلڪل عوام لاء بي فائده بڻيل آھن؛۽ نئين آيل ايس ايس پي عرفان سمون کان به بھتر توقع آھي ته ھو ضلعي جي امن امان کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاء وڌيڪ ڪوششون وٺندو ۽ ھنن چيو ته چونڊيل نمائندن سان به جلد وفدن جي صورت ۾ ملاقاتون ڪري کين آگاھ ڪنداسين…
