ڍاڪا؛ بنگلاديش ۾ هڪ تيز رفتار مسافر بس حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.خبرون ڏيندڙ ايجنسي ۽ پوليس موجب آچر تي هڪ بس هاءِ وي جي فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجڻ کان پوءِ کاهي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 19 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 25 زخمي ٿي پيا آهن.پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته شروعاتي جاچ موجب حادثو ڊرائيور جي غفلت سبب پيش آيو جڏهن هو مقامي وقت موجب صبح 8 وڳي تيز رفتاري سبب گاڏي تي ڪنٽرول وڃائي ويٺو ۽ بس تازو ئي ٺاهيل ايڪسپريس وي جي ريڪنگ سان ٽڪرائجندي 30 فوٽ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي.ياد رهي ته بنگلاديش ۾ پراڻين، خراب گاڏين ۽ روڊن سان گڏوگڏ گهٽ تربيت يافته ڊرائيورن سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. هاءِ وي ايڪسيڊنٽ مانيٽر موجب بنگلاديش ۾ گذريل سال روڊ حادثي ۾ رڪارڊ 9 هزار 951 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.
