ڪوئٽه: بلوچستان جي ضلعي آواران ۽ زوب ۾ برساتن کان پوءِ ايندڙ ٻوڏ سبب 10 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا.بلوچستان جي ضلعي آواران ۽ زوب ۾ گجگوڙ سان پوندڙ برسات کان پوءِ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي. ٻوڏ جي تيز وهڪرن ۾ 10 ڄڻا لڙهي فوت ٿي ويا آهن.موسميات کاتي موجب 24 ڪلاڪن دوران خضدار ۾ 10، قلات ۾ 9، ڪوئٽه ۾ 3، دالبدين ۾ 5، بارکهان ۾ 4، پنجگور ۽ پشين ۾ 3-3 ۽ زوب ۾ 2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.ان کان علاوه سنڌ جي مختلف علائقن دادو، ميهڙ، جوهي، خيرپورناٿن شاهه ۽ پڊعيدن ۾ به برسات پئي آهي.موسميات کاتي موجب اڄ سنڌ، ڏکڻ پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪنهن ڪنهن هنڌ تي برسات پئجي سگهي ٿي.
72