لاهور: مسلم ليگ جي اڳواڻ مريم نوازشريف چيو آهي ته زمان پارڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي وسارڻ مشڪل آهي. هي تربيت يافته دهشتگرد ۽ شرپسند آهن. عمران خان هميشه پابندي مڙهيل پارٽين جي حمايت ڪئي آهي.مسلم ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نوازشريف ٽوئٽر تي زمان پارڪ آپريشن جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي ان سان گڏ ئي پيغام ۾ لکيو آهي ته جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان کي وسارڻ مشڪل آهي، هي ماڻهو سياسي ڪارڪن ناهن پر هي تربيت يافته دهشتگرد ۽ شرپسند آهن.هن عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان هميشه پابندي مڙهيل پارٽين جي حمايت ڪئي آهي هنن ماڻهن کي پابندي مڙهيل پارٽين مان ڀرتي ڪيو ويو آهي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته رياست کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ٻئي صورت ۾ گهڻي دير ٿي ويندي.
