پنجاب :جي نگران وڏي وزير محسن نقوي زمان پارڪ واقعي تي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پنجاب حڪومت زمان پارڪ واقعي جا سمورا تفصيل اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته نگران وڏي وزير پوليس کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وڏي وزير چيو ته هن وقت رياست جي حڪمراني تمام گهڻي ضروري آهي ۽ اهو ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته رياست موجود آهي. 2 ڏينهن اڳ روڊ ڪليئر ڪرائڻ جو آپريشن ڪيو ڇو ته مستقل روڊن کي بند نٿا ڪري سگهون.هن چيو ته پوليس ۽ رينجرز عمران خان جي گهر جي گيٽ تائين پهچي وئي هئي پر کين واپس گهرايو ويو ڇو ته اسان رتوڇاڻ نٿي چاهي هڪ پوليس وارو گهر وڃي رهيو هو ته ان کي پي ٽي آءِ ڪارڪنن سخت تشدد جو نشانو بنايو.محسن نقوي چيو ته ايليٽ فورس جي گاڏي کي روڪيو ويو ۽ گاڏي کي واهه ۾ اڇلايو ويو جيڪڏهن پوليس جي گاڏي کي واهه ۾ اڇليو وڃي ته پوءِ رياست جي رٽ ناهي رهندي پر هاڻ حڪومت جي رٽ قائم ٿيندي ۽ پوليس خلاف وڌندڙ هٿن کي ڀڃي ڇڏينداسين.هن چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀ سياسي ڪارڪن ناهن ڪندا ۽ سڀني کي خبر آهي ته اتي ڪير ڪير آهي، اهڙي سرگرمي ڪوبه سياسي پارٽي جو ڪارڪن ناهي ڪندو. مان پنهنجي پوليس فورس سان گڏ بيٺل آهيان هاڻ جيڪڏهن پوليس تي هٿ کنيو ويو ته ان کي اهڙو جواب ڏينداسين جو کين رياست نظر ايندي.وڏي وزير پريس ڪانفرنس ڪندي پوليس تي تشدد جي وڊيو به ڏيکاري. هن چيو ته جيڪڏهن پوليس کي چيو وڃي ته مار به کايو ۽ ڪم به ڪريو ته اهو ممڪن ناهي. پوليس کي چئي ڇڏيو آهي ته جيڪا قانوني ڪارروائي ڪرڻ چاهي ٿي ڪري، سياسي سرگرمي سڀني جو حق آهي، اهو رويو هاڻ برداشت نه ڪيو ويندو.محسن نقوي چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪا دهشتگردي ٿي ان تي جي آءِ ٽي ٺاهي رهيا آهيون ۽ شام تائين جي آءِ ٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو. اليڪشن ڪميشن کي به اهڙين سمورين حالتن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.هن ٻڌايو ته اسان گهٽ زخمي پوليس اهلڪار جي لاءِ هڪ لک روپيه ۽ سخت زخمي کي 5 لک روپيه ڏئي رهيا آهيون. عمران خان پوليس کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. جيڪڏهن پوليس تي ڀروسو ناهي ته پنجاب پوليس جي سيڪيورٽي واپس ڪري ڇڏيو، ڇو ته گاريون کائي پوليس سيڪيورٽي نٿي ڏئي سگهي.محقن نقوي چيو ته عمران خان پنهنجي پارٽي هلائي رهيو آهي کيس ائين نه ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن پوليس تي تشدد جي حوصله افزائي ڪئي وئي ته اهو عمل برداشت نه ڪيو ويندو. سياسي سرگرمي جي اجازت آهي، جيڪو جلسو ڪرڻ چاهي اهو ڪري اسان وٽ سمورو رڪارڊ موجود آهي ان لاءِ عدالتي حڪم تي اسان سان گڏ هلو.نگران وڏي وزير چيو ته لاڳيتو پوليس وارن کي مارڪٽ جو نشانو بنايو پيو وڃي هاڻ پوليس وارن تي ڪوبه تشدد برداشت نه ٿيندو. اسان لاش نٿا کڻڻ چاهيون، پوليس وارا صبر ڪري رهيا آهن، آءِ جي کي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيو آهي جيڪو ڪرڻ چاهي ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته اسان رينجرز جي مدي ۾ به واڌ ڪري رهيا آهيون.
