اسلام آباد: وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ضمانت منظور ڪرڻ جو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو.ايف آءِ اي عمران خان جي ضمانت منظوري جي حوالي سان 29 فيبروري تي بينڪنگ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسپيشل ڪورٽ جو فيصلو قانون جي خلاف آهي. بينڪنگ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي عمران خان جي ضمانت رد ڪئي وڃي.جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري اڄ 12 وڳي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. ايف آءِ اي اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي ذريعي بينڪنگ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪيو.
