54

نيب عمران خان خلاف ڪيسن جا تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا

لاهور: قومي احتساب بيورو (نيب) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف ڪيسن جا تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.نيب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ تفصيل جمع ڪرايا جنهن موجب نيب راولپنڊي ۾ عمران خان خلاف 2 ڪيس داخل آهن.نيب جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان خلاف تحائف وڪرو ڪري غيرقانوني فائدو حاصل ڪرڻ، اختيار کان آجو، غير قانوني طور اختيار استعمال ڪري مالي فائدو کڻڻ ۽ رڪارڊ لڪائڻ جي جاچ ڪئي پئي وڃي.نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان خلاف ٻئي ڪيس انڪوائري جي مرحلي ۾ آهن، جڏهن ته نيب راولپنڊي کانسواءِ ملڪ ۾ ڪٿي به عمران خان خلاف ڪيس ناهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو