53

اڄوڪي جلسي ۾ حقيقي آزادي جو مقصد پيش ڪندس، ڪارڪن هر حال ۾ مينار پاڪستان پهچن: عمران خان

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪارڪن هر حال ۾ اڄوڪي جلسي ۾ شرڪت جي لاءِ مينار پاڪستان پهچن.ڪارڪنن جي نالي سان جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مان پنهنجي ڪارڪنن جي سامهون اڄ حقيقي آزادي جو مقصد پيش ڪندس، منهنجي ڪارڪنن کي اپيل آهي ته هر صورت ۾ جلسي گاهه پهچن.عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ مينار پاڪستان تي پنهنجو ڇهون عوامي جلسو منعقد ڪندي جيڪو گذريل جلسن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو. ان لاءِ لاهور ۾ سڀني کي تراويح جي نماز کان پوءِ شرڪت جي دعوت ڏئي رهيو آهيان. حقيقي آزادي جي پنهنجي وزن ۾ ٻڌائيندس ته ملڪ کي بدمعاشن کان ڪيئن آزاد ڪرائينداسين. عمران خان وڌيڪ چيو ته مينار پاڪستان جلسي ۾ شرڪت لاءِ ڪارڪنن کي شرڪت کان روڪڻ جي لاءِ رنڊڪون بيهاريون پيون وڃن. ڪارڪن سموريون رنڊڪون هٽائيندي جلسي گاهه پهچن.ٻئي طرف لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمران خان چيو هو ته مينار پاڪستان جلسي کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ اسان جي 1600 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، منهنجي عوام کي درخواست آهي ته مينار پاڪستان پهچو. هي اڄ پنهنجي اکين سان ڏسندا ته ملڪ جي تاريخ جو اڄ سڀني کان وڏو جلسو ٿيندو. عوام گهرن کان ٻاهر نڪري. هي اسان مٿان ظلم ڪري رهيا آهن. وڏي شان سان آزاد ٿيل قوم جي آزادي کي ختم ڪيو ويو آهي. اسان جي ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، اسان مٿان جيڪو ظلم ۽ تشدد رهيو آهي ان مان لڳي رهيو آهي ته پاڪستان جهڙو والاريل ڪشمير يا فلسطين هجي. هي جيڪو به طريقو استعمال ڪندا ان جو اڄ رد عمل سامهون ايندو.عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان دلدل ۾ ڦاسندا پيا وڃون، عوام سستو اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ قطارن ۾ بيهي مري رهيو آهي. اڄ ٻڌائيندس ته ڪهڙي طرح ملڪ کي دلدل مان ڪڍڻو آهي. ظلم ٿي رهيو آهي، پر اهو حقيقي آزادي جي جنگ ۾ جهاد آهي جنهن ۾ قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. مان به تيار آهيان اسان کي ڪنهن به صورت ۾ پوئتي ناهي هٽڻو. خوف جون زنجيرون ٽوڙيون آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو