48

حقيقي آزادي جو جلسو آهي، ڪارڪن رنڊڪون هٽائي مينار پاڪستان پهچن: فواد چوڌري

لاهور: تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته عوام سموريون رنڊڪون ۽ سختيون برداشت ڪري مينار پاڪستان پهچي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر تي فواد چوڌري اپيل ڪئي آهي ته هي جدوجهد اوهان جي آزادي ۽ ايندڙ نسل جي حقن لاءِ آهي. اڄ مينار پاڪستان تي جلسو حقيقي آزادي جو جلسو هوندو.ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي الزام لڳائيندي چيو آهي ته پنجاب حڪومت غير آئيني ۽ غيرقانوني ڪم ڪري رهي آهي. سموري پنجاب مان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.شاهه محمود قريشي چيو ته هي ملڪ کي فساد طرف کڻي وڃڻ چاهين ٿا. پي ٽي آءِ کي هنن جي ڪنهن به فساد ۾ ناهي پوڻو. عمران خان اڄوڪي جلسي ۾ اهم خطاب ڪندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو