لاهور: دهشتگردي جي انت واري عدالت 3 ڪيسن ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. اڳوڻو وزيراعظم عمران خان 3 ڪيسن ۾ ضمانت جي لاءِ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پهتو.عمران خان خلاف ريس ڪورس ٿاڻي ۾ 3 ڪيس داخل ٿيل آهن جن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن ظلم شاهه جي موت، ڀڃ ڊاهه، باهيون ۽ سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت جا ڪيس آهن جن ۾ دهشتگردي ۽ ٻين ڏوهن جا قلم شامل آهن.عمران خان جي انهن ڪيسن مان هاءِ ڪورٽ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي هئي ۽ کيس لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو هو.عمران خان عبوري ضمانت جي لاءِ لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پهتو جتي سندس طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جاچ ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو پر پوليس طرفان گرفتار ڪرڻ جو امڪان آهي. عدالت ٽنهي ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪندي پوليس کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي. جنهن کان پوءِ دهشتگردي جي انت واري عدالت عمران خان جي ٽنهي ڪيسن ۾ 4 اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.ان کان اڳ عمران خان دهشتگردي جي انت واري عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته حڪومت پوري ملڪ کي ڪنٽينرز لڳائي والاريل ڪشمير بنائي ڇڏيو آهي. قوم سموريون رنڊڪون ٽوڙي جلسي ۾ پهچندي. اڄ جلسي ۾ آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪندس. حڪومت جلسو ناڪام بنائڻ لاءِ اسان جي 1600 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ملڪ جي حالت اها آهي جو ماڻهو اٽو خريد ڪرڻ لاءِ لائنن ۾ لڳل آهن.هن وڌيڪ چيو ته جيترو حڪمران ظلم ڪري رهيا آهن ايترا ماڻهو ٻاهر نڪرندا، عوام بک سبب مري رهي آهي حڪومت کي ان جي پرواهه ناهي.
