اسلام آباد:تحريڪ انصاف عمران خان تي حملي، پارليامينٽ ميمبرن ۽ ڪارڪنن تي تشدد خلاف يورپي يونين، آمريڪي ايوان نمائندگان، برٽش هائوس آف لارڊز ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن ڏانهن خط لکي ڇڏيا آهن.رپورٽ موجب تحريڪ انصاف پاران پارليامينٽ ميمبرن، اڳواڻن ۽ سياسي ڪارڪنن تي تشدد جي معاملي کي عالمي سطح تي اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي تحت اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر سڄي دنيا جي پارلياماني ۽ انساني حقن جي تنظيمن ڏانهن خط اماڻي ڇڏيا آهن.تحريڪ انصاف طرفان اسد قيصر آمريڪي ايوان نمائندگان، هائوس آف لارڊز، يورپي يونين، آءِ پي يو، سي پي اي ۽ انساني حقن جي تنظيمن ڏانهن خط لکيا ويا آهن جنهن ۾ انهن کان پارليامينٽ ميمبرن ۽ ڪارڪنن تي حڪومت طرفان تشدد جو نوٽيس وٺڻ ۽ حڪومتي قدمن خلاف ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.خط ۾ اسد قيصر چيو آهي ته اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي طور تي مان پاڪستان ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون سامهون آڻڻ چاهيان ٿو. پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ جي مشهور سياسي پارٽي آهي. سياسي هارس ٽريڊنگ کان پوءِ پي ٽي آءِ فريش مينڊيٽ جو فيصلو ڪيو ۽ ايوان مان استعيفائون ڏنيون.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ نگران حڪومتن سياسي ڪارڪنن جو آواز دٻائڻ لاءِ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سياست مان ڪڍڻ لاءِ ڪوڙا فوجداري ڪيس داخل ڪيا ويا. عمران خان تي قاتلاڻي حملي ۾ 11 گوليون هنيون ويون ۽ 127 ڪيس داخل ڪيا ويا.
