لاهور: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته پاڪستان خلاف ڪم ڪندڙ ايجنٽ کي مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڄ مينار پاڪستان تي ٿيندڙ جلسي جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ رانا ثناءُالله چيو ته پهريان آمريڪي لابسٽ فرمن مان ته حقيقي آزادي حاصل ڪري وٺو، عمران خان طرفان آمريڪا کان نٿو ڊڄان کان وٺي منهنجي حياتي کي خطرو آهي جو ڪوڙ ڳالهايو ويو.گهرو وزير چيو ته عمران خان آئين، قانون ۽ سچائي کان حقيقي آزادي چاهي ٿو، عمران نيازي توشه خانه، پرڏيهي فنڊنگ، ٽيريان نيازي ڪيسز کان حقيقي آزادي چاهي ٿو.راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته عمران خان هر اداري ۽ ان جي سربراهه کي پنهنجو غلام بنائڻ جي حقيقي آزادي چاهي ٿو. سندس حقيقي آزادي جا منظر ڊي چوڪ تي سموري قوم ڏسي چڪي آهي.راڻا ثناءُالله چيو ته هي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ ڦرمار جي حقيقي آزادي چاهين ٿا. عمران نيازي جو آمريڪا سان صرف ٻاهران جهيڙو آهي. اندر ۾ هي پاڻ ۾ ڀائر آهن. ملڪ جو غدار مينار پاڪستان جهڙي پاڪ جڳهه کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. پاڪستان خلاف ڪم ڪندڙ ايجنٽ کي مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.
35