ماسڪو: روس پاڪستان کي اهم پرڏيهي پاليسي پارٽنر قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ لاءِ تيار آهيون.روس يوم پاڪستان حوالي سان پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسلام آباد ماسڪو جو اهم پرڏيهي پاليسي پارٽنر آهي ۽ دوستانه لاڳاپن تي سفارتي ڪم تمام گهڻو ٿيو آهي.روسي پرڏيهي وزير جي ترجمان ماريه زاخاروا بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ تعميري سياسي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. جڏهن ته ماسڪو ۽ اسلام آباد عالمي ۽ علاقائي ايجنڊا سان گڏ اهم مسئلن تي ويجهو موقف رکن ٿا. اسان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ تيار آهيون.فغان ريگوليشن ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نتيجو ڏيندڙ تعاون جاري آهي ۽ گڏيل توانائي جي منصوبن تي تيزي سان عمل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون.
38