لاهور: پنجاب جي نگران ڪابينه صوبي ۾ 29 مارچ کان في خاندان کي هڪ ئي وقت 20 ڪلو مفت اٽو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب ۾ مفت اٽي جي فراهمي ۽ مفت اٽي جي رجسٽريشن جو عمل آسان بنائڻ بابت مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ نگران صوبائي وزيرن ۽ ٻين اختيارين تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي وئي جيڪا رجسٽريشن تي سفارشون پيش ڪندي.ڪابينه کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هينئر تائين تقريبن 70 لک کان وڌيڪ اٽي جا ٿيلها ورهايا ويا آهن جنهن تي ڪابينه مفت اٽي جي فراهمي واري عمل تي اطمينان جو اظهار به ڪيو.اجلاس ۾ بريفنگ دوران وڌيڪ ٻڌايو ويو ته عام واهپي وارين شين جي مقرر اگهن تي دستيابي يقيني بنائڻ لاءِ چيڪنگ جي هدايت به ڪئي وئي آهي.ڪابينه صوبي ۾ 29 مارچ کان في خاندان کي هڪ ئي وقت 20 ڪلو اٽي جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
