اسلام آباد: تحريڪ انصاف پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ ڪي پي ڪي گورنرز جي فيصلن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ چونڊ تاريخ جي تبديلي خلاف گڏيل آئيني درخواست عدالت سڳوري ۾ داخل ڪري ڇڏي. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر مشتاق غني آئيني درخواست داخل ڪئي.تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري اسد عمر، ميان محمودالرشيد ۽ عبدالرحمان به درخواستگذارن ۾ شامل آهن. آئيني درخواست ۾ وفاق، پنجاب، ڪي پي ڪي، پارلياماني معاملن واري وزارت، قانوني وزارت ۽ ڪابينه کي ڌر بنايو ويو آهي.تحريڪ انصاف طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن آئيني مينڊيٽ ۽ عدالت جي فيصلي کان انڪار ڪيو. اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. اليڪشن ڪميشن کي شيڊول موجب 30 اپريل تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
