راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته موجوده صورتحال دوران سمورو بار عدليه تي وڌو ويو آهي. وزيراعظم توهين عدالت ڪيس ۾ گرفتار ٿي سگهي ٿو.شيخ رشيد چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گهرن مان گرفتار ڪيو پيو وڃي، مينار پاڪستان ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪيا پيا وڃن، شيخ رشيد چيو ته(ن) ليگ وارا چوندا هئا ته اسيمبليون ٽوڙي ڇڏينداسين، هاڻ چون ٿا ته آڪٽوبر جي به ضمانت ناهي.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته هن وقت شڪست هنن جو مقدر بڻجي چڪي آهي. مهانگائي سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، سياسي پارٽين جو جنازو ڌوم ڌام سان نڪرندو.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته سموري دنيا اسان کي ڏسي رهي آهي، جڏهن ته اسان 10 ڪلو اٽي جي فراهمي واري مشهوري ۾ لڳل آهيون. آءِ ايم ايف اڃان تائين حڪومت کي يقين ناهي ڏياريو.شيخ رشيد چيو ته ملڪ معاشي تباهي طرف وڌي رهيو آهي. 90 ڏينهن ۾ نگران حڪومت پاڻمرادو ختم ٿي ويندي. حڪومت مختلف ادارن کان سروي ڪرائي. عمران خان جي سياسي مشهوري چونڊن جي التوا جو سبب بڻجي وئي. جيڪي 30 اپريل تي چونڊون نه ڪرائي سگهيا اهي هاڻ 8 آڪٽوبر تي به نه ڪرائيندا.
