60

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ عمران خان جي 7 ڪيسن مان عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي 7 ڪيسن مان عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. عمران خان جي درخواستن تي ٻڌڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب ڪئي.ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل چيو ته منهنجي موڪل لاهور هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت حاصل ڪئي. جوڊيشل ڪمپليڪس پهتو ته گيٽ اڳيان وڃڻ نه ڏنو ويو. عمران خان تي ساڳئي ڏينهن وڌيڪ ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون. چيف جسٽس چيو ته اوهان پهرين ان ڳالهه تي مطمئن ڪريو ته هڪ فورم کي باءِ پاس ڪري هتي ڇو آيا؟اوهان کي آخر وڃڻو ئي اتي آهي ته پوءِ اوهان ٽرائل ڪورٽ ڇونه ويا.عمران خان جي وڪيل چيو ته مان ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو پيش ڪندس جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته اوهان سڌي ڳالهه ٻڌايوته ٽپو ڏئي سڌو سنئون هاءِڪورٽ ڇو آيا؟عمران خان جي وڪيل چيو ته عمران خان کي سيڪيورٽي خدشا آهن. هتي ماحول بهتر آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هزارين ماڻهو اچي ويندا ته پوءِ امن امان جي صورتحال ته ضرور پيدا ٿيندي اوهان کي ئي هن صورتحال کي بهتر بنائڻو آهي.عمران خان جي وڪيل چيوته اسان ڪنهن کي به سڏ نه ڏيندا آهيون ماڻهو پاڻمرادو اچي ويندا آهن جنهن تي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته اسان کي اها ڳالهه ڏسڻي آهي ته درخواستگذار هڪ وڏي سياسي پارٽي جو اڳواڻ آهي ۽ ان جا فالوورز به آهن.ٻڌڻي دوران عمران خان روسٽرم تي آيو ۽ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ کيس واپس پنهنجي سيٽ تي ويهڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس عامر فاروق چيو ته عمران خان کي سيڪيورٽي خدشا آهن عمران خان مٿان اڳ به حملو ٿي چڪو آهي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ عمران خان جي 7 ڪيسن مان عبوري ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي. عمران خان جي عبوري ضمانت 6 اپريل تائين منظور ڪئي وئي. اڳوڻو وزيراعظم عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي لاءِ زمان پارڪ کان قافلي جي صورت ۾ روانو ٿيو هو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو