لاهور: جي دهشتگردي جي انت واري عدالت عمران خان جي فوڪل پرسن حسان نيازي کي ڪراچي وٺي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.پوليس حسان نيازي کي لاهو جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو. جتي حسان نيازي کي ڪراچي ۾ داخل ڪيس جي سلسلي ۾ عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ راهداري ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي.عدالت حسان نيازي کي ڪراچي وٺي وڃڻ جي لاءِ ٻن ڏينهن جو راهداري ريمانڊ ڏئي ڇڏيو. حسان نيازي خلاف ڪراچي جي جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي جنهن ۾ سندس مٿان چڙ ڏياريندڙ تقرير جا قلم به شامل آهن. ذريعن موجب ڪراچي پوليس حسان نيازي جي گرفتاري لاءِ اڄ پنجاب روانو ٿي سگهي ٿي.
