اسلام آباد: قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ اليڪشن ڪميشن بابت ڪيس ۾ فل ڪورٽ بنائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي سلسلي ۾ سوموٽو ورتو ويو هو ان ڏينهن اها ڳالهه ٿي هئي ته چار ٽن جي اڪثريت سان فيصلو رد ٿي ويو. استدعا آهي ته ادارن جي عزت ۽ سلامتي رکڻ لاءِ فل ڪورٽ بينچ بڻايو وڃي.اعظم نذير تارڙ چيو ته جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس اعجازالاحسن رضاڪارانه طور تي ڪيس کان ڌار ٿيا. ڪالهه جسٽس منصور ۽ جسٽس جمال مندوخيل جو فيصلو آيو، ٻه مختلف طبقا آهن جيڪي مختلف ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ڪالهه ٻن ججز جي اختلافي نوٽ کان پوءِ اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي.قانون واري وفاقي وزير چيو ته هن ڪيس تي 13 رڪني بينچ بنجڻ گهرجي. ڪالهه جيڪي 2 ججز فيصلو ڏنو هو انهن به ساڳئي طرف اشارو ڏنو. وزيراعظم هڪڙي ماڻهو جي طور تي فيصلا ناهي ڪندو ان ۾ ڪابينه جي مشاورت شامل هوندي آهي. ادارن اندر ورهاست ۽ وسوسا ختم ڪرڻ لاءِ 13 رڪني يينچ هجڻ گهرجي.
