اسلام آباد: پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جي ڪيس ۾ حڪومتي اتحاد ڌر بنجڻ جو فيصلو ڪري ورتو.مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي جمعيت علماءِ اسلام اڄ ڌر بنجڻ جي درخواست داخل ڪنديون. حڪومتي اتحاد جون 3 وڏيون سياسي پارٽيون پنهنجو موقف عدالت ۾ پيش ڪنديون.پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست تي چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ اڄ ٻيهر ٻڌڻي ڪندو. بينچ ۾ جسٽس اعجازالاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل شامل آهن.هوڏانهن قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن فيصلي جو پابند ناهي هوندو. سپريم ڪورٽ پهچڻ تي ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ان ئي ڏينهن چئي ڇڏيو هو ته فيصلو چار ٽي جو آهي. اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 218 جي تحت پنهنجي ڊيوٽي ڪري رهيو هو. اليڪشن ڪميشن ڪنهن فيصلي جو پابند ناهي هوندو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي قانوني مشورو ڏيڻ منهنجو ڪم ناهي.هوڏانهن نئين اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عهدي جو چارج سنڀالي ورتو آهي. جنهن کان پوءِ اهو به سپريم ڪورٽ پهچي ويو جتي هن هڪ سوال جو جواب ڏيندي ٻڌايو ته چونڊن بابت ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿيندس.
