اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف ڪيسن جا تفصيل هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا آهن.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف اسلام آباد جي حد تائين ڪيسن جا تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا آهن جيڪي آءِ جي اسلام آباد ۽ ايف آءِ اي طرفان جمع ڪرايا ويا.پوليس رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ عمران خان خلاف 29 ڪيس داخل آهن پوليس جا 28 ۽ ايف آءِ اي رڪارڊ موجب عمران خان خلاف هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس جي ڪيسن مان هڪ ڪيس رد ٿي چڪو آهي.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 7 ڪيس جاچ جي مرحلي ۾ آهن ۽ 20 ڪيس ٽرائيل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. ايف آءِ اي فارين ايڪسچينج ايڪٽ تحت ڪيس بينڪنگ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جا تفصيل پيش ٿيڻ تي درخواست اُڪلائي ڇڏي. عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته ويهي سموري صورتحال کي ڏسو ۽ فيصل چوڌري سان رابطي ۾ رهو.
