54

موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان چئن ڏينهن تائين تيز برساتن، ڳڙو پوڻ ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.بلوچستان ۾ ڪوئٽه، چمن، پشين ۽ بارکهان جي جابلو علائقن ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ دير، سوات، ڪوهستان، نوشهره، مردان، وزيرستان ۽ باجوڙ جي ندي نالن ۾ چاڙهه اچي سگهي ٿو.موسميات کاتي گلگت بلتستان، ڪشمير، مري ۽ گليات ۾ به لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.خيبرپختونخواهه ۾ دير، سوات، ڪوهستان، نوشهره، مردان، وزيرستان ۽ باجوڙ جي ندي نالن ۾ به چاڙهه جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.موسميات کاتي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته گلگت بلتستان، ڪشمير، مري ۽ گليات ۾ لينڊ سلائيڊنگ به ٿي سگهي ٿي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو