اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) پيٽرول تي سبسڊي جي شروعاتي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف حڪومت طرفان موٽر سائيڪل ۽ 800 سي سي کان گهٽ گاڏين جي لاءِ سستي پيٽرول جي اسڪيم تي اعتراض واري ڇڏيو آهي.آءِ ايم ايف سوال اٿاريو ته هن اسڪيم جي لاءِ ڪيتري سبسڊي جي ضرورت پوندي؟ اها ڪٿان کان ايندي ۽ ان جا ڪيترا ڪنزيومر هوندا؟ اسڪيم ۾ ڪيترو نقصان ٿيندو؟ آءِ ايم ايف ان حوالي سان حڪومت کان مڪمل پلان گهري ورتو آهي.ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ورچوئل رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ آءِ ايم ايف پيٽرول تي سبسڊي جو نظرثاني ٿيل پلان تيار ڪرڻ تي زور ڏنو جڏهن ته آءِ ايم ايف غريب طبقي کي وڌيڪ موثر ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏيڻ تي زور رهيو آهي.
