اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال مندوخيل جي ريمارڪس بابت بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌي چيو ته جسٽس مندوخيل اڄ يو ٽرن ورتو ۽ پنهنجي بيان جي سمجهه ۾ نه ايندڙ وضاحت ڏني.فواد چيو ته جسٽس جمال کي گهرجي ها ته جيڪڏهن اها ڳالهه هئي ته هو بينچ ۾ ويهڻ کان معذرت ڪندي چوي ها ته هو اهو بار نٿو کڻي سگهي. فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ جي جج کي ايترو ڪمزور نه هجڻ گهرجي.
