اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينئر وڪيل لطيف کوسه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حوالي سان ٿيندڙ قانونسازي عدليه تي پابنديون لڳائڻ جي برابر آهي. هن بل جي ٽائمنگ صحيح نه آهي.سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي لطيف کوسه چيو ته پاڻمرادو نوٽيس خلاف اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ آرٽيڪل 3/184 ۾ ترميم ڪرڻي پوندي. نظرثاني ۾ وڪيل جو حق ڏيڻ جي لاءِ به آئيني ترميم ضروري آهي. قانونسازي ڪري اهڙي ترميم نٿي ڪري سگهجي.لطيف کوسه چيو ته بل جي ٽائمنگ صحيح نه آهي جيڪا قانونسازي ڪئي پئي وڃي اها عدليه تي پابنديون لڳائڻ جي برابر آهي جيڪي ميمبر بينچ جو حصو نه هئا انهن جي راٰءِ فيصلي ۾ ڪيئن شامل ٿي سگهي ٿي.پ پ اڳواڻ چيو ته مريم نواز۽ ن ليگ هميشه عدليه تي حملو ڪيو آهي. پهريان مٺايون ورهايون وينديون آهن پوءِ سمجهه ۾ ايندي آهي ته فيصلو اسان جي خلاف آيو آهي.
