اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سپريم ڪورٽ اندروني معاملي تي ريمارڪس ڪورٽ رولز بابت هئا. منهنجي ريمارڪس کي ميڊيا ۾ غلط رنگ ڏئي پيش ڪيو ويو. هڪ هڪ لفظ جيڪو مون لکيو ان تي قائم آهيان، مون انتظامي اختيارن جي معاملي کي اندروني معاملو قرار ڏنو هو.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان پاڻمرادو نوٽيس ۽ درخواستون 4-3 جي شرح سان رد ڪريون جڏهن ڪورٽ مان آرڊر جاري ناهي ٿيو ته اليڪشن ڪميشن تاريخ ڪيئن ڏئي ڇڏي. پنهنجي اختلافي فيصلي جي هڪ هڪ لفظ تي قائم آهيان. اسان جيڪي تجويزون فيصلي ۾ ڏنيون. چيف جسٽس کان ان باري ۾ درخواست ڪنداسين اسان جو فيصلو آرڊر آف دي ڪورٽ آهي.چار ججز درخواستون رد ڪيون هيون. جڏهن حڪم ئي نه هو ته ڪيس ڪيئن هلي سگهي ٿو. شايد منهنجي غلطي آهي ته گذريل ڏينهن مان وضاحت نه ڪري سگهيس.چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان هن ڪيس کي اڳيان کڻي وڃڻ چاهيون ٿا. چيف جسٽس فاروق ايڇ نائيڪ کي هدايت ڏني ته عدالت جي ماحول کي خراب نه ڪيو وڃي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙيو وڃي. پهريان ان ڳالهه جو فيصلو ٿيڻ گهرجي ته فيصلو 4-3 جو آهي،اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عرفان قادر چيو ته جيڪڏهن اوهان مون کي ٻڌڻ ئي نٿا چاهيو ته پوءِ اوهان جي مرضي، مان دليل نٿو ڏيان. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان جي جڳهه جيڪو وڪيل پهريان دليل ڏئي رهيو هو ان کي دليل ڏيڻ ڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل عرفان قادر دليل ڏئي روانو ٿي ويو.
