51

حڪومت چيف جسٽس ۽ عدليه مٿان دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي: عمران خان

لاهور: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ناهي. آئين جي مڪمل ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.عمران خان چيو ته اسان فسطانيت طرف وڌي رهيا آهيون. جيڪو 10 مهينن کان ٿي رهيو آهي پي ٽي آءِ ڪارڪنن، سوشل ميڊيا جي ٽيمن گهرن ۾ داخل ٿي ڌمڪيون ڏنيون.عمران خان چيو ته جڏهن ڪو گهربل شخص گهر ۾ موجود نه هوندو آهي ته ان جي خاندان جي ماڻهن کي اغوا ڪيو ويندو آهي.عمران خان چيو ته حڪومت چونڊن کان ڊنل آهي جنهن سبب هو چيف جسٽس ۽ عدليه تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو