55

سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٻيهر ٿيندي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٻيهر ٿيندي. چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندو.گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا هئا ته ايمرجنسي لڳائي ئي چونڊون ملتوي ڪري سگهجن ٿيون.چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو هو ته سادو سوال آهي ته اليڪشن ڪميشن تاريخ اڳيان ڪري سگهي ٿو يا نه، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن کي اختيار هوندو ته ڳالهه ختم ٿي ويندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو