اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت عورت جج ڌمڪي ڪيس ۾ عمران خان جي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي سندس هڪ دفعو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.جوڊيشل مئجسٽريٽ ملڪ امان محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت عمران خان کي 18 اپريل تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جوڊيشل مئجسٽريٽ ملڪ امان پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان عورت جج ڌمڪي ڪيس ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عمران خان جي وڪيلن ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ بحال ڪرڻ جي استدعا ڪئي. وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي. سيڪيورٽي واپس وٺڻ تي هاءِ ڪورٽ به نوٽيس جاري ڪيا.پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي عدالت ۾ عمران خان جي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي داخل درخواست جي مخالفت ڪندي دليل ڏنا ته عمران خان غير حاضر آهي. ضمانت ٿيڻ جوڳن کي ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽ ۾ تبديل ڪيو وڃي. وزير آباد جو روزانو بهانو ٿي رهيو آهي. 2 ڏينهن اڳ وزيرآباد نه هو جڏهن هو هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو؟ هر تاريخ تي عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وئي. گذريل ٻڌڻي تي جج چيو هو ته ڪيترائي ڀيرا ڇوٽ ڏني وئي آهي جنهن کان پوءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.پراسيڪيوٽر عدالت ۾ وڌيڪ چيو ته عمران خان جي طبي رپورٽ پيش ناهي ڪئي وئي. حاضر نه ٿيڻ بابت پڪا سبب به ناهن ٻڌايا ويا. پراسيڪيوٽر پنهنجي اعتراض ۾ چيو ته عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي سندس صحيح ئي ناهي پر صرف ان جي وڪيلن جون صحيحون آهن.ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن. فاضل جج وڪيلن ۽ پراسيڪيوٽر جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ عمران خان طرفان ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جنهن کي بعد ۾ جاري ڪيو ويو.عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ 18 اپريل تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته عدالت اڄ عمران خان جي لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا جنهن تي وڪيلن طرفان اڄ حاضري کان ڇوٽ جي استدعا ڪئي وئي هئي.
