لاهور: هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل کي 4 هفتن جي لاءِ آمريڪا وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شهباز گل جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني فل بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت شهباز گل کي 4 هفتن لاءِ آمريڪا وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت شهباز گل کي هڪ ڀيرو پرڏيهي ملڪ سفر جي اجازت ڏني آهي. عدالت شهباز گل جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪهڙي قانون تحت درخواستگذار جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو ۽ ڪهڙي اهڙي صورتحال ٿي جنهن جي آڌار تي نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو ٿيو آهي.وفاقي حڪومت جي وڪيل موقف ڏنو ته شهباز گل خلاف اسلام آباد ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ ڪمشنر اسلام آباد جي استدعا تي شهباز گل جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو. اهو معاملو اسلام آباد جو آهي عدالت کي ٻڌڻي جو اختيار ناهي. وفاقي حڪومت کان نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ ڪابينه جي ايندڙ اجلاس ۾ اهو معاملو بحث هيٺ ايندو. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل عدالت جي آڏو پيش ٿيو.
