اسلام آباد: توشه خانه ڪيس ۾ عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست کي منظور ڪندي ڪيس ۾ هڪ مهيني جي ڊگهي تاريخ ڏئي ڇڏي.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال ڪئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ وڪيلن طرفان عمران خان جي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي.عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته اڄ به اسلام آباد بار جي هڙتال آهي. 3 ڏينهن کان هڙتال هلي رهي آهي. وڪيل امجد پرويز چيو ته وڪيلن جي هڙتال ۾ عمران خان ته شامل نه آهي. جيڪڏهن وڪيل ۽ جوابدار هڙتال تي هجن ها ته عمران خان کي عدالت جي ڪمري ۾ موجود هجڻ گهرجي ها.وڪيل امجد پرويز وڌيڪ چيو ته ٽرائيل جي اسٽيج تي جوابدار جي عدالت جي ڪمري ۾ حاضري لازمي هوندي آهي. عمران خان کي اچڻ گهرجي جيڪڏهن سندس وڪيل هڙتال تي وڃڻ چاهين ٿا.وڪيل خواجه حارث عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي. عمران خان کان حڪومت سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي. چيف جسٽس اسلام آباد عمران خان جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سيڪيورٽي خدشن سبب عمران خان سيشن عدالت ۾ موجود ناهي. عمران خان ته وڊيو لنڪ ذريعي به عدالت ۾ پيش ٿي سگهي ٿو. عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وڃي.ٻڌڻي دوران جج ريمارڪس ڏنا ته گڏيل مشاورت سان عدالتي ٻڌڻي جي حوالي سان ٻڌايو. جنهن تي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته رمضان کان پوءِ توشه خانه جي ٻڌڻي رکو ڪهڙي جلدي آهي؟ وڪيل سعد حسن چيو ته اڃان تائين توشه خانه ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ناهي ٿي سگهي. وڪيل امجد پرويز چيو ته جيڪڏهن جمعرات تي ناهي رکڻي ته ڇنڇر تي ٻڌڻي رکي وٺو. 10 ڏينهن هوندا. وڪيل خواجه حارث استدعا ڪئي ته عيد کان پوءِ توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي مقرر ڪئي وڃي.جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي توشه خانه فوجداري ڪارروائي ڪيس جي ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
