اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) پيٽرول تي سبسڊي جي شروعاتي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف حڪومت طرفان موٽر سائيڪل ۽ 800 سي سي کان گهٽ گاڏين جي لاءِ سستي پيٽرول جي اسڪيم تي اعتراض ڪيو آهي.آءِ ايم ايف سوال اٿاريو آهي ته هن اسڪيم جي لاءِ ڪيتري سبسڊي جي ضرورت هوندي؟ اها ڪٿان کان ايندي ۽ ان جا ڪيترا ڪنزيومر هوندا؟ اسڪيم ۾ ڪيترو نقصان ٿيندو؟ آءِ ايم ايف ان حوالي سان حڪومت کان مڪمل طور تي پلان گهري ورتو آهي.ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ورچوئل رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ آءِ ايم ايف پيٽرول تي سبسڊي جو نظرثاني شده پلان تيار ڪرڻ تي زور ڏنو. جڏهن ته آءِ ايم ايف جو غريب طبقي کي وڌيڪ موثر ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏيڻ تي زور رهيو آهي.
