70

ملڪ ۾ جڏهن مارشل لا هجي تڏهن ئي چونڊون ملتوي ٿي سگهن ٿيون: فواد چوڌري

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جا سمورا ججز هڪ ئي ڳالهه تي متفق آهن ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مارشلا هجي ته تڏهن ئي چونڊون ملتوي ٿي سگهن ٿيون.سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌي چيو ته اڄ آئين جي فتح ٿي آهي. پنجاب ۾ چونڊون 90 ڏينهن ۾ ئي ٿينديون.هن چيو ته حڪومت چونڊن کان ڀڄڻ جا طريقا ڳولي رهي آهي. پاڪستان جا سمورا ججز هڪ ئي ڳالهه تي متفق آهن ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مارشل لا هجي ته چونڊون صرف ان ئي صورت ۾ نٿيون ٿي سگهن. ڀٽو جو ڏوهٽو آئين ٽوڙيندڙن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان جي فوج سپريم ڪورٽ جي فيصلي پٺيان بيٺل هوندي.هن چيو ته پاڪستان هن وقت معاشي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. نوازشريف ۽ آصف زرداري عوام جي فيصلي آڏو ڪنڌ جهڪائين ۽ ملڪ کي چونڊن طرف وڃڻ ڏين. هي صرف آئين جي نه پر قوم جي فتح آهي. سپريم ڪورٽ سان گڏ پورو پاڪستان بيٺل آهي. چونڊن سان پاڪستان ۾ استحڪام ايندو.حماد اظهر چيو ته قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهندي ڪو ٻيو فيصلو نٿو اچي سگهي. اڄ چٽو ظاهر ٿي ويو آهي ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو