74

روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل مذهبي معاملن واري وزير مفتي عبدالشڪور جي جنازي نماز ادا

اسلام آباد: ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل مذهبي معاملن واري وزير مفتي عبدالشڪور جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.مفتي عبدالشڪور جي جنازي نماز مولانا فضل الرحمان پڙهائي. سعودي سفير نواف بن سعيدالمالڪي، يوسف رضا گيلاني، طارق فضل چوڌري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.آءِ جي اسلام آباد چيو آهي ته مفتي عبدالشڪور پاڻ گاڏي هلائيندي سيڪريٽريٽ طرف وڃي رهيو هو ته ٻئي طرف کان ايندڙ ڊبل ڪيبن گاڏي سندس ڪار سان ٽڪرائجي، ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ سوار سمورن پنجن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. حادثو تيز رفتاري ۽ لاپرواهي جو نتيجو آهي. نجي ڪمپني جي ڊبل ڪيبن گاڏي به تحويل ۾ ورتي وئي آهي.پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مفتي عبدالشڪور جون ڪيتريون ئي هڏيون فريڪچر جو شڪار ٿي چڪيون هيون.جنازي نماز کان پوءِ سندس مڙهه لکي مروت ۾ اباڻي علائقي ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي جتي سندس تدفين ڪئي ويندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو