اسلام آباد: مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور روڊ حادثي ۾ فوت.اسلام آباد پوليس موجب مولانا عبدالشڪور ميريٽ کان سيڪريٽريٽ چوڪ ڏانهن وڃي رهيو هو ته هاءِ ليڪس ريوو (جنهن ۾ 5 ڄڻا سوار هئا) مولانا عبدالشڪور جي ڪار کي ٽڪر هنيو.پوليس جو چوڻ آهي ته مولانا عبدالشڪور کي زخمي حالت ۾ پولي ڪلينڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
