67

سينيٽر طلحه محمود کي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير جي اضافي چارج ڏني وئي

اسلام آباد: جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي سينيٽر طلحه محمود کي مذهبي معاملن جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي.ڪابينه ڊويزن سينيٽر طلحه محمود کي بطور وفاقي وزير مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.سينيٽر طلحه محمود کي مذهبي معاملن واري وزارت جون اضافي ذميواريون ڏنيون ويون آهن. ان کان اڳ هو وزير سيفران جا فرض انجام ڏئي رهيو هو.مفتي عبدالشڪور جي لاڏاڻي کان پوءِ وزارت جو قلمدان سينيٽر طلحه محمود کي ڏنو ويو آهي.ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور اسلام آباد ۾ روڊ حادثي دوران فوت ٿي ويو هو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو